پروفيسر جهامنداس ڀاٽيا

پروفيسر جهامنداس ڀاٽيا

ڀاٽيا جهامنداس پروفيسر

ڀاٽيا، جهامنداس، پروفيسر: پروفيسر جهامنداس ڀاٽيا، 1878ع ۾ تاريخي شهر شڪارپور ۾ جنم ورتو. هن اڪيڊمي هاءِ اسڪول شڪارپور ۾ تعليم وٺي، 1913ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان ميٽرڪ پاس ڪئي ۽ 1919ع ۾ ڊي. جي. سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ مـان بـي. اي ڪـيـائيــن. پنـهـنجـي تعـليم مڪـمـل ڪـرڻ کان پوءِ 1921ع ۾ نيشنل هاءِ اسڪول شڪـارپـور ۾ هـيڊمـاسـتر مقرر ٿيو ۽ 1923ع کــان 1924ع تـائـيــن برهمچاري هاءِ اسڪول شڪارپور جو هيڊماستر ٿي رهيو. ان کانپوءِ هو ڪـنڊيــاري جـي هــاءِ اسـڪـــول جـو وائيس پرنسپال ٿيــو، جـتـي 1924ع کــان 1945ع تـائـيـن رهيـو. جـڏهــن شڪارپور ۾ سي اينڊ ايس ڪاليج کليو ته اتي استاد جي حيثيت سان ڪم ڪرڻ قبول ڪيائين ۽ اهڙيءَ طرح هو واپس پنهنجي شهر شڪارپور ۾ آيو ۽ آخر تائين انهيءَ ڪاليج ۾ انگريزيءَ جو پروفيسر ٿي رهيو. پروفيسر جهامنداس ڀاٽيا، سڄي زندگي سنڌي ادب ۽ تعليم جي واڌاري لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهيو. سندس خدمتن جي مڃتا ۾ کيس برطانيه جي استادن جي تنظيم “Royal Society of Teachers of London” جو ميمبر بنايو ويو. ڀاٽيا صاحب ڪيترو وقت بمبئي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي جو ممتحن پڻ رهيو. ان وقت سندس هڪ مضمون ”سڌارٿ“ ميٽرڪ جي ڪورس ۾ به رکيو ويو هو. ڀاٽيا صاحب سنڌ يونيورسٽي جي ”Board of Studies for Religion“ جو ميمبر ۽ Philosophical Congress of Pakistan جو ميمبر به رهيو. پروفيسر جهامنداس جي دوستن ۽ شاگردن جو وسيع حلقو رهيو. پاڻ 30 ڊسمبر 1965ع تي مختصر علالت کان پوءِ هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو. سندس ترتيب ڏنل ڪتاب ”ساميءَ جا سلوڪ“ هڪ عرصي کان سنڌي ادبي بورڊ وٽ اشاعت جو منتظر آهي. جهامنداس ڀاٽيا جو لائق فرزند پروفيسر لجپت گانڌي پنهنجي پيءُ جي انهن سڀني مقالن ۽ مضمونن کي گڏ ڪرڻ جي ڪوشس ڪري رهيو آهي، جيڪي سنڌ جي معروف رسالن ۽ اخبارن وغيره ۾ وقت به وقت شايع ٿيندا رهيا هئا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1878.00.00  عيسوي

پروفيسر جهامنداس ڀاٽيا ، 1878ع ۾ تاريخي شهر شڪارپور ۾ جنم ورتو


1965.12.30  عيسوي

ڀاٽيا جهامنداس 30 ڊسمبر 1965ع تي ديهانت ڪيو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رواح بن اسد
حسين احمد مدني مولانا
اڪرم مڱڻهار
قاضي عبدالشڪور صديقي ڊاڪٽر
ايئرمارشل محمد عظيم دائودپوٽو
ذوالفقار ڪولاچي
جي اي رحيم
حاڪم علي زرداري
بڪيرائي مراد علي شاهه
ابراهيم جليس
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون